اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ ڪرونا شرح 4 سيڪڙو کان گهٽجي وئي، وڌيڪ 42 ڄڻا فوت

اسلام آباد: عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 42 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 1780 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن. اين سي او سي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي سڃاڻپ لاءِ 44 هزار 712 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 1780 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 12 لک 38 هزار 668 ٿي ويو آهي. انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3 ڏهائي 98 سيڪڙو سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل 24 ڪلاڪن وڌيڪ 42 ڪرونا مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 27 هزار 566 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button