اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ملڪي تاريخ جي سڀ کان مهانگي کنڊ گهرائي ورتي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ ملڪي تاريخ جي سڀ کان مهانگي کنڊ درآمد ڪري ورتي. ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان طرفان درآمد ڪيل 28 هزار 760 ميٽرڪ ٽن کنڊ جي کيپ پاڪستان پهچي وئي آهي، ٽي سي پي کي درآمد ڪيل کنڊ پورٽ تي 109 رپيا 90 پئسا في ڪلو ۾ پئي آهي، جڏهن ته گذريل سال هڪ لک ٽن کنڊ جي لينڊڊ ڪاسٽ 89 ڏهائي 26 روپيا في ڪلو پئي هئي، ائين سمورا خرچ گڏائي يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ تقريبن 123 رپيا في ڪلو ۾ پوندي. حڪومت ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 84 ڏهائي 75 روپيا في ڪلو مقرر ڪيو آهي، ائين درآمدي کنڊ سرڪاري ايڪس مل ريٽ کان 25 ڏهائي 15 روپيا في ڪلو مهانگي پئي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز کي سرڪاري ريٽيل قيمت کان کنڊ اٽڪل سوا 33 روپيا ڪلو مهانگي پوندي. حڪومتي فيصلي موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي درآمدي کنڊ 85 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪئي ويندي ۽ خريد ۽ وڪري جي قيمت جو فرق سبسڊي سان پورو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button