سنڌ

خدشو آهي ته منهنجي پوٽيءَ کي قتل ڪيو ويندو:پروين چانڊيو

لاڙڪاڻي شهر جي ليبر ڪالوني جي رهواسڻ پ پ ش ڀ اڳواڻ پروين چانڊيو پنهنجي پٽن عابد علي چانڊيو ۽ اڪبر علي چانڊيو سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خميس ڏينهن منهنجي ستن ورهين جي پوٽي شازيه ڌيءَ عابد علي چانڊيو لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ڀرسان قائم سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وئي هئي جيڪا اسڪول جي موڪل ٿيڻ کان پوءِ گم ٿي وئي جنهن جي اسان اسڪول، پاڙي توڙي ٻين علائقن ۾ ڳولا ڪئي جنهن تي پاڙي وارن ٻڌايو ته شازيه کي ٻه مرد ۽ هڪ عورت رڪشا ۾ اغوا ڪري کڻي ويا آهن جنهن بعد اسان وليد ٿاڻي تي پهچي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيو پر پوليس صرف اين سي داخل ڪئي.

هن چيو ته اسان جي پنهنجي قمبر واسي مائٽن سان پراڻي دشمني هلندڙ آهي، شڪ آهي ته توصيف چانڊيو، محرم چانڊيو، سعيد چانڊيو ۽ مائي ليلان وارن منهنجي پوٽي شازيه کي اغوا ڪيو آهي، جنهن تي پوليس اغوا شڪ ۾ سندن مائٽ وحيد چانڊيو کي گرفتار ڪيو آهي، ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي پوٽي شازيه کي بازياب ڪرايو ويو آهي، خدشو آهي ته دشمني سبب اغوا ڪندڙ پوٽي شازيه کي ماري ڇڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button