اسلام آبادپاڪستان

خورشيد شاهه جي گهرڀاتين کي رليف ملي ويو،نيب جون اپيلون رد

اسلام آباد: آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيد شاهه کانپوءِ سندس گهر ڀاتين کي به رليف ملي ويو. سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه سميت شريڪ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل نيب جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ صوبائي وزير اويس قادر شاهه جي به ضمانت برقرار رکي. شنوائي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مک جوابدار ضمانت تي آهي ته شريڪ جوابدارن کي ڪيئن جيل اماڻي سگهون ٿا. پڪين ثبوتن کان سواءِ ڪنهن مٿان به ڪيس ٺاهڻ صحيح نه آهي. ڪالهه چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نيب اپيلن تي شنوائي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته شريڪ جوابدارن ۾ خورشيد شاهه جي گهر وارين، ٻارن ۽ سندس مائٽن کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ان دوران جسٽس منصور علي شاهه چيو ته خورشيد شاهه کي ضمانت ناقص ثبوتن جي بنياد تي ڏني وئي آهي. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ٺيڪيدار عبدالرزاق خورشيد شاهه کي 25 لک ڪميشن ڏني. ٺيڪيدار جاچ ۾ رقم ڏيڻ جو ڪوبه پڪو سبب ناهي ٻڌائي سگهيو. جسٽس عائشا ملڪ چيو ته ڪهڙي ٺيڪي جي عيوض خورشيد شاهه کي 25 لک ڪميشن جا مليا هئا؟ هڪ چيڪ کي رشوت يا ڪميشن جي بنياد تي پيش ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ممڪن آهي ته ٺيڪيدار خورشيد شاهه کي نذرانو ڏنو هجي. نيب جاچ ۾ محنت ڪري ۽ پنهنجو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ثابت ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button