اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا جي لهر وڌيڪ 13 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد :پاڪستان ۾ ڪرونا جي پنجين لهر وڌيڪ 13 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 30 هزار 53 ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 15 لک 2 هزار 641 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 961 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 99 هزار 365، سنڌ ۾ 5 لک 64 هزار 895، خيبرپخونخوا ۾ 2 لک 15 هزار 87، بلوچستان ۾ 35 هزار 284، گلگت بلتستان ۾ 11 هزار 390، اسلام آباد ۾ هڪ لک 33 هزار 936 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 42 هزار 684 ڪيس رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 61 لک 74 هزار 561 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 139 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 14 لک 6 هزار 361 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 261 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 13 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 30 هزار 53 ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button