پاڪستانسنڌ

نندو لڳ حيسڪو جي نااهلي سبب نوجوان جو هٿ ۽ ٻانهن ضايع ٿيڻ جو خدشو

نندو: نندو لڳ ڳوٺ مريد ملاح جو 15 ورهين جو نوجوان نواز ملاح حيسڪو عملدارن جي نااهلي سبب چوپايو مال چاريندي هيٺ ڪريل 11 هزار تارن ۾ وچڙڻ سبب سڙي زخمي ٿي پيو، جيڪو 6 ڏينهن گذرڻ باوجود غربت سبب علاج نه ڪرائڻ جي ڪري گهر پيل آھي.

نوجوان جي والد علي محمد ملاح، حسن ملاح ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” سان رابطي تي ٻڌايو ته کوسڪي فيڊر جي عملدارن جي نااهلي سبب گذريل هڪ سال کان 11 هزار جون تارون هيٺ ڪريل آھن، جنهن سبب پهرين به اسان جو چوپايو مال هڪ مينهن ۽ هڪ اٺ مري ويا آھن، بار بار شڪايت ڪرڻ جي به عملو تارون مٿي ڪرڻ لا تيار نه آھي. هنن چيو ته نوجوان جو هٿ ۽ ٻانهن ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته واپڊا عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري نوجوان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button