پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي جو احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد: جماعت اسلامي حيدرآباد پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف توڙي حيدرآباد جي حقن لا حيدرآباد پڪي قلعي چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي حيدرآباد عقيل احمد خان، عبدالقيوم شيخ، زبير خادم حسين سولنگي، ظهير الدين شيخ ۽ ٻين چيو ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي آ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو آهي، قوم کي معاشي، سياسي ۽ انتظامي طور آ ايم ايف جو غلام بڻايو پيو وڃي.

جماعت اسلامي اهڙي عمل خلاف سموري ملڪ ۾ سراپا احتجاج آهي. هنن چيو ته هڪ طرف وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسي سبب حيدرآباد جو عوام سخت پريشانين ۾ مبتلا آهي ته وري ٻئي طرف سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد کي گندگي جي ورچاڙهڻ ۽ روڊ کنڊر ٿيڻ سبب عوام ٻٽو عذاب ڀوڳي رهيو آهي. هنن اعلان ڪيو ته 27 فيبروري تي حيدرچوڪ وٽ مهانگائي، پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سميت حيدرآباد جي تباهي خلاف ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button