پاڪستانسنڌ

عبدالحئي بلوچ عوامي سياست جو باھمٿ ڪردار ھو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سينيئر سياستدان ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي وڇوڙي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي وڇوڙي تي اسان سمورا روشن خيال ساٿي ۽ سنڌ واسي سندس گھروارن، ساٿين ۽ بلوچ عوام سان ڏک ۾ شريڪ آھيون. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ پاڪستان جي عوامي سياست جو باھمٿ ڪردار ھو ۽ ھن سدائين وطن دوستي، ترقي پسندي، امن پسندي ۽ جمھوريت خاطر تڪليفون سٺيون ۽ ثابت قدم رھيو.

اياز لطيف پليجو چيو ته جڏھن 22 مئي 2012 تي ڊھشتگردن مون تي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ساٿين تي ڪراچي ۾ گوليون وسائي رھيا ھئا، تڏھين ڊاڪٽر حئي بلوچ ثابت قدميءَ سان مون سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب تائين پنڌ ڪندو رھيو. ھن چيو ته ڊاڪٽر حئي بلوچ جو عوامي انداز، دليرانه گفتگو، شفاف ڪردار ۽ بھادري ھميشه ياد رکي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button