سنڌ

سنڌ هاڻي وڌيڪ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ کي برداشت نه ڪندي:اميربخش ڀٽو

پي ٽي آءِ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر امير بخش ڀٽو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ لانگ مارچ ڪنداسين، سنڌ ٻيهر پيپلز پارٽي ۽ ان جي وڌيڪ ڦرلٽ کي برداشت نه ڪندي. هن چيو ته 28 تاريخ ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسان جمهوري نظام تي يقين رکون ٿا پيپلز پارٽي وارا به لانگ مارچ ڪري رهيا آهن جيڪو انهن جو حق آهي پر اهو برداشت نه ڪنداسين، جيئن اڳ وزيراعظم لاڙڪاڻي آيو ته پتلا ساڙيا ويا پر هاڻي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته پ پ جو لانگ مارچ ڪراچي مان پنجاب به ويندو ائين نه ٿئي جو اهڙي ڪا حرڪت ٿئي ته انهن کي به تيار رهڻو پوندو، اميد ته هو اسان جي لانگ مارچ ۾ رڪاوٽون نه وجهندا. هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا اسلام آباد فتح ڪرڻ نڪتا آهن پر انهن جو پنهنجو گهر ڊٿو پيو آهي. هن چيو ته تيل جون قيمتون عالمي سطح تي وڌيون آهن پر بيڊ گورننس، بدامني ۽ ڪرپشن جو معيشت سان ڪهڙو واسطو آهي.. هن چيو ته بي اعتمادي واري رٿ مان اپوزيشن کي ڪجهه به نه ملندو، ڇاڪاڻ هر پارٽي جي پنهنجي ايجنڊا آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ تي تيل جي قيمت 40 ڊالر في ڊالر هئي جيڪا 100 ڊالر في بيرل ٿي آهي پر اسان کي اميد آهي ته حالتون بهتر ٿينديون ۽ اسان عوام کي رليف فراهم ڪنداسين. هن چيو ته هر پارٽي ۾ اختلاف هوندا آهن جيڪڏهن لياقت جتوئي جا ڪي خدشا آهن انهن کي ختم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button