پاڪستانسنڌ

جهمپير ۾ ڊرينيج جو ڪم رولڙي جو شڪار، گندو پاڻي ڪينجهر ۾ ڇوڙ

جهمپير: جهمپير شهر جي ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهندڙ گندي پاڻي جي نيڪالي واري اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿي وئي، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، گندو پاڻي ڪينجهر ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو، سياسي، سماجي اڳواڻن هاشم سولنگي، صديق ميربحر، همير مل، غلام رسول پالاري ۽ خير محمد ڪوي سميت ٻين جو چوڻ آهي ته جهمپير شهر جي گندي پاڻي جي نيڪالي جي ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهندڙ ڊرينيج واري اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي.

ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سمورو شهر گندگي ۽ بدبودار پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، گندگي سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو مليريا توڙي ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، هنن حڪومت پاران جهمپير جي ڊرينيج جي گندي پاڻي جي نيڪالي لا ڪروڙن جي لاڳت سان منصوبو شروع ڪيو ويو هو پر 2 سال گذرڻ باوجود ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو ۽ ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري کيس پابند بنائي ڊرينيج جو ڪم مڪمل ڪري عوام کي بيمارين ۽ مشڪلات کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button