پاڪستانسنڌ

عورتن هر جا تي پاڻ کي مڃرايو آهي:اي ڊي سي سائره جاويد

اسلام ڪوٽ: جڏھن به عورتن کي موقعا مليا آھن ته انھن هر جڳهھ تي پنهنجو پاڻ مڃرايو آھي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي ذيلي تنظيم ٿر فائونڊيشن پاران بلاڪ ٽو جي بشير انصاري گرين پارڪ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل تقريب کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سائره جاويد خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي آهي، انهي جو مطلب ملندڙ موقعن کي درست استعمال سان اسان جون نياڻيون ترقي ڪري سگهن ٿيون. تقريب کي خطاب ڪندي جي ايم سائيٽ آپريشن سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ضيا حيدر چيو ته مردن کي گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. تقريب کي مئنيجر سبين شاهه، ڪائنات مغل، جانورن جي طبيب ۽ سگهڙ عورت امان سليمت هاليپوٽو، پهرين عورت ڊمپر ڊرائيور گلابان ڀيل، عورت آر او پلانٽ آپريٽر نصيبان ڪنڀار، عورت سولر آپريٽر راڌان، ٿر ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي تعليمي سجاڳي لاءِ ڪم ڪندڙ خانزادي ڪپري، زارا ميمڻ، عورت ڊمپر ڊرائيور موهني ۽ نصرت ويچار ونڊيا. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ملائيڪا انصاري سرانجام ڏنا. تقريب ۾ اي ڊي سي راجيش ڪمار، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، عرفان جوڻيجو، هرجي لال ۽ ڪامران شيخ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button