اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 6 مريض لاڏاڻو ڪري ويا

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 6 مريض لاڏاڻو ڪري ويا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 758 ڪيس سامهون آيا آهن، وڌيڪ 12هزار 103 مريض صحتياب ٿي ويا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 287 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 15 لک 16 هزار 150 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ڪرونا وائرس جا 17 هزار 995 علاج هيٺ آهن، انهن مريضن مان 722 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 14 لک 67 هزار 868 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 36 هزار 569 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 67 لک 49 هزار 522 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 لک 6 هزار 457 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. هن وقت تائين ڪل 21 ڪروڙ 80 لک 51 هزار 79 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته 47 لک 58 هزار 281 ماڻهو بوسٽر ڊوز لڳرائي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button