پاڪستانسنڌ

“ٿر جي عورتن کي سهولتون ناهن” مٺي ۾ سيمينار

مٺي: جديد سائنسي دور ۾ ٿر جي عورت تمام گھڻو پوئتي تاريخ جي اُوندَاهي دور مان گذري رهي آهي، جنھن وٽ نه تعليم، نه صحت، نه پنهنجو روزگار ۽ نه ليس سياسي سماجي، علمي ادبي سرگرمين جي آزادي آهي، اهڙو اظهار آرٽ ڪائونسل آف ٿر پاران عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيل سيمينار ۾ نوجوان شاعر خانزادي ڪپري ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر جي عورت کي ڪي به سهولتون ناهن. مٺي ويجهو ڳوٺ کيکنيو ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي خوشبو ڪيراڻو چيو ته اسان کي تعليم وسيلي تبديلي آڻڻي پوندي، عورتن جي هٿ جي هُنر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اهڙا پروگرام لڳائڻا پوندا، ٿر ۾ هن وقت غربت ۽ ڏڪار جي حالت انتها تي پهچي چُڪي آهي، عورتن جي لڏپلاڻ سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي. اُن موقعي تي عظمى ابڙينگ ،چمپا ڀيل، نيلم ميگهواڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button