سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

سوئر جي دل لڳرائيندڙ آمريڪي شهري فوت

آمريڪا ۾ 2 مهينا اڳ جينياتي طور تبديل ڪيل سوئر جي دل لڳرائيندڙ آمريڪي شهري 57 ورهين جو ڊيوڊ بينيٽ فوت ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڊيوڊ بينيٽ 2 مهينا اڳ جينياتي تبديلين آڻڻ بعد سوئر جي دل لڳرائي هئي. ڊيوڊ بينيٽ جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي تھ مريض جي طبيعت ڪيترن ئي ڏينهن کان خراب هئي، جنهن جو 10 فيبروري تي موت ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڊيوڊ کي هن ٽرانسپلانٽ جي خطرن کان آگاهه ڪيو ويو هو، جنهن اهڙن خطرن سميت آپريشن تي راضپو ڏيکاريو. سوئر جي دل ٽرانسپلانٽ ڪندڙ سرجن بارٽلي گرفٿ اسپتال مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ ڊيوڊ بينيٽ بهادر مريض هو، جنهن خطرن سان کيڏي بھ هڪ سائنسي تجربو فراهم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button