اسلام آباد :اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ صدر عارف علوي سميت پي ٽي آءِ قيادت کي بري ڪري ڇڏيو آھي. رپورٽ موجب دهشتگردي جي انت واري عدالت پارليامينٽ مٿان حملي واري ڪيس جو محفوط ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ صدر عارف علوي سميت ڪيترن ئي وفاقي وزيرن ۽ تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻن کي باعزت بري ڪيو ويو آهي. بري ٿيندڙن ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، عليم خان، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ تعليم واري وزير شفقت محمود کي بري ڪري ڇڏيو آھي. سيف الله نيازي، اعجاز چوڌري، راجا خرم نواز ۽ ٻيا تحريڪ انصاف اڳواڻ شامل آهن. ڪيس جو فيصلو دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌايو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن گڏيل طور تي 82 بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويو آهي. 9 مارچ تي عدالت جوابدارن جي بريت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو، جيڪو ڪالهه ٻڌايو ويو. عدالت صدر عارف علوي جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي درخواست به منظور ڪئي هئي. عدالت خيبرپختونخوا جي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي، اعجاز چوڌري، عليم خان ۽ جهانگير ترين جي به ڪيس مان بريت واري درخواست منظور ڪئي. عدالت ۾ شنوائي دوران پراسيڪيوشن جوابدارن جي درخواستن تي ڪا به مخالفت نه ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان اڳ ئي ڪيس مان بري ٿي ويو هو. واضح رهي ته پارليامينٽ حملي جو ڪيس 30 آگسٽ 2014 تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close