اسلام آبادپاڪستانپنجاب

ڪو حادثو ٿيو ته نقصان اپوزيشن کي ٿيندو: شيخ رشيد

لاهور: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته امپائر پاڪستان سان گڏ آهي، جنهن کي پاڪستان جي ڳڻتي آهي، سمجهائي رهيو آهي ته معاملو سٺي طريقي سان حل ڪريو، جمهوريت جو سپورٽر آهي ۽ پاڪستان لاءِ سوچي رهيو آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن 4 سالن ۾ مونجهارو پيدا ڪيو، هاڻ چونڊن ۾ هڪ سال رهجي ويو آهي، اپوزيشن جو مٿيون خانو خالي آهي، اهي سڀ ڊي چوڪ ۾ فارغ ٿي ويندا، ڊي چوڪ ۾ حالتون ڪنٽرول ڪنداسين ۽ نه ٿي سگهيون ته اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي، ڪو حادثو ٿيو ته نقصان اپوزيشن کي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button