زراعت ۽ ڪاروبارعالمي

عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي اچي وئي

نيويارڪ: عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت گهٽ ٿي 100 ڊالر في بيرل کان به هيٺ اچي وئي آهي. ان کان علاوه ڊبليو ٽي آءِ خام تيل جي قيمت 5 سيڪڙو کان وڌيڪ گراوٽ کان پوءِ 97.13 ڊالر تي اچي وئي آهي. جڏهن ته برنٽ خام تيل جي قيمت گهٽ ٿي 100.54 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. ٻئي طرف چين جي معيشت ۾ امڪاني سست رفتاري جا خدشا به تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا سبب ٻڌايا پيا وڃن. ان کان اڳ روس ۽ يوڪرين ۾ جنگ سبب تيل جي قيمتن ۾ 14 سالن جو سڀ کان وڏو اضافو ٿي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button