اسلام آبادپاڪستان

زرداري جي ميمبرن کي ووٽنگ ڏينهن حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد:پ پ پارليامينٽيرين جي صدر آصف علي زرداري پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي خط لکي بي اعتمادي لاءِ ووٽنگ جي ڏينهن حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اپوزيشن جماعتن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي آهي. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته بي اعتمادي خلاف ووٽنگ جي ڏينهن سمورا اسيمبلي ميمبر پنهنجي حاضري يقيني بڻائين. خط موجب جيڪڏهن ڪنهن ميمبر پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي يا ڄاڻي واڻي حاضر نه ٿيو ته آرٽيڪل 63 اي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button