اسلام آباد : اپوزيشن جماعتن سومر تائين قومي اسيمبلي اجلاس نه گهرائڻ جي صورت ۾ او آءِ سي ڪانفرنس روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. اپوزيشن ليڊ شهباز شريف چيو آهي ته دير جا حربا استعمال ڪيا ويا ته اسان مجبور هونداسين، او آ سي جا اڳواڻ اسان سڀني جا مهمان آهن. گڏيل مخالف ڌر جي اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسپيڪر سومر ڏينهن اجلاس طلب نه ڪيو ۽ قانون، آئين ۽ رولز جي پوئواري نه ڪئي ته اسيمبلي اندر ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين. ڪالهه اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته سنڌ هائوس تي حملي جي جيتري مذمت ڪجي، اهو گهٽ آهي. سڀ ڪجهه عمران نيازي جي چوڻ تي ڪيو ويو، اهو حملو معمولي ناهي اهو رڳو سنڌ ڌرتي ئي نه پر پاڪستان تي حملو آهي. هن چيو ته سڀني کي خبر هئي ته اپوزيشن ڌانڌلي جي پيداوار حڪومت کي دل تي پٿر رکي ان ڪري برداشت ڪيو ته جمهوريت جو ٻوٽو مرجهائجي نه وڃي پر هن چئن سالن ۾ جمهوريت جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن. شهباز شريف چيو ته حڪمرانن جي منهن تي چماٽ خود هن جي اتحادين هنئي آهي ته بي اعتمادي ۾ ڪو پيسو نه هليو آهي. هنن جا پنهنجا ميمبر چون ٿا ته اسان تڪن ۾ نٿا وڃي سگهون. هن چيو ته اسان آئين ۽ قانون جو رستو اپنائڻ چاهيون ٿا، جهيڙو نٿا چاهيون. سڀني کي ووٽ جي حق جي اجازت ڏني وڃي. اسپيڪر کي چوان ٿو ته هوش مان ڪم وٺي نه ته تاريخ ڪڏهن معاف نه ڪندي. توهان کي ڪانفرنس جي آڙ ۾ قانون ٽوڙڻ نه ڏينداسين نه ئي آئين شڪني ڪرڻ ڏبي. مولانا فضل الرحمان چيو ته گارين جي سياست نه اسان قوم نه ڪارڪنن کي سيکاري آهي، جرئت ۽ بهادري جي سياست گهر ۾ به سکي. اسان کي مائرن جيڪو کير پيئارو سو جرئت ۽ بهادري جو آهي. جنگ کٽي چڪا آهيون، جيڪو ٿورو وقت باقي آهي، ان کي انجام تائين پهچائينداسين. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو ته عمران اڪثريت وڃائي چڪو آهي. جمهوريت ڏانهن وڌون پيا. عمران شڪست ڏسندي گارين کان علاوه طاقت جو استعمال ڪري رهيو آهي. پهرين پارليامينٽ لاجز تي حملو ڪيو ويو، پوءِ سنڌ هائوس تي حملو ڪيو ويو ۽ ڌمڪي ڏئي پيو ته هو نه کيڏندو نه کيڏڻ ڏيندو. هو سازش ڪري پيو ته تشدد ذريعي ووٽ استعمال نه ڪرڻ ڏئي، ڌئونس ۽ ڌانڌلي ذريعي بچي وڃي ۽ آئيني بحران پيدا ٿئي ۽ ٽين قوت کي موقعو ملي. هن اسپيڪر کي چيو ته سومر آخري ڏينهن آهي، اجلاس گهرائڻ جو اگر اسپيڪر رولز جي خلاف ورزي ڪندو، عدم اعتماد جو موشن نه آڻيندو ته اسان هال مان نه اٿنداسين. ڏسنداسين ته او آءِ سي جو اجلاس ڪيئن ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن اسيمبلي رولز جي پوئيواري نه ڪئي وئي ته انهي فلور تي ويٺا رهنداسين جيستائين حق نٿا ملن. وزيراعظم 172 جو انگ ڏيکاري يا گهر هليو وڃي، هي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون. جڏهن ته اختر مينگل چيو ته آئون عمران خان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان ڪلين بولڊ، ڪيچ آئوٽ، رن آئوٽ نه ٿيندا، هٽ وڪيٽ ٿيندا پنهنجي وڪيٽ پاڻ ڪيرائيندا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ٿيندڙ اپوزيشن جي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي، جتي اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. مانجهاندي کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو حڪومت چاهي ٿي ته اپوزيشن پرامن نه رهي، اڳ ۾ پارليامينٽ پوءِ سنڌ هائوس تي حملو ڪيو ويو، عمران خان پنهنجي شڪست ڏسي غير جمهوري عمل شروع ڪري ڇڏيو، عوام کي مبارڪ ڏيان ٿو ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي ۽ حڪومت ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سومر تي اجلاس بي اعتمادي کان شروع ٿئي، جيڪڏهن سومر تي اجلاس نه گهرايو ويو ته اسان ايوان ۾ ڌرڻو ڏينداسين ۽ ايوان ۾ ويٺل رهنداسين، ڏسون ته حڪومت او آءِ سي ڪانفرنس ڪيئن ٿي ڪري. فضل الرحمان چيو ته ناجائز حڪومت خلاف حق جو علم کڻي بيٺا آهيون، سياسي جلسن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، اها ڪو ڪِريل ماڻهو به استعمال نٿو ڪري سگهي، اسان منزل تي پهچڻ وارا آهيون، ناجائز ۽ نااهل حڪومت کي پنهنجي انجام تي پهچائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close