اسلام آبادپاڪستان

سنڌ هائوس تي پي ٽي آ ڪارڪنن جي حملي جي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزارت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن طرفان سنڌ هائوس تي حملي واري معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب جاچ ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي آپريشنز اويس احمد ڪندو. گھرو وزارت جي ڪميٽي کي 3 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گھرو وزارت حڪم ڏنو آهي ته انهن سمورين ڳالهين جي جاچ ڪئي وڃي ته وزيرن جي سڏ بنا ڪارڪن ڪيئن پهتا؟ سنڌ هائوس جي ٻاهر انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو احتجاج ڇڙ وڇڙ ڪيو ته ڪارڪن ٻيهر ڪيئن پهتا؟ هاءِ سيڪيورٽي زون ۾ ٻه ڀيرا ڪارڪنن جي پهچڻ تي پوليس ڪٿي هئي؟ ۽ پوليس ڪهڙي هنڌ به ڪارڪنن کي سنڌ هائوس پهچڻ تي روڪيو ڇو نه؟ جڏهن ته پوليس جي يو آءِ ڪارڪنن کي روڪي ورتو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سنڌ هائوس تي ڪاهه ڪئي هئي، ڪارڪنن سنڌ هائوس جي گيٽ کي لتون هڻي ڀڃي ڇڏيو هو ۽ اڱڻ ۾ داخل ٿي ويا هئا. ان بعد گھرو وزير جي هدايت تي پوليس پي ٽي آءِ جي ٻن اسميبلي ميمبرن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو. گذريل ڏينهن پوليس 13 پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ٻنهي ايم اين ايز جا نالا شامل نه ڪيا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button