پاڪستانسنڌ

گارنٽي نٿا ڏيون، ڪنهن ڪنهن کي روڪينداسين: گورنر سنڌ

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گورنر ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني آھي، ناظم جوکيو جو قتل، ڪتن جي ويڪسين ناھي، ان باوجود گورنر راڄ جو مناسب آپشن ناھي، پ پ گورنر راڄ پنجاب ۾ لڳايو ته جائز آھي، عمران خان جيئن چوندو ته ھڪ کان ٻيو سيڪنڊ نه لڳائيندس، گورنر راڄ لڳائيندس. گورنر سنڌ چيو ته ھن وقت جيڪو اسلام آباد جي سنڌ ھائوس ۾ تماشو لڳل آھي، خريداري ۽ وڪرو جاري آھي، مسلم ليگ (ن) جي شخص چيو آھي ته ھا ھارس ٽريڊنگ ڪريون پيا انھي ۾ ڪوبه حرج ناھي.

هن چيو ته سنڌ ھائوس ۾ اسان جا ورڪر ويا جيڪو ڪجھه ٿيو ان جي مذمت ڪيون ٿا، ورڪرن ۾ ڏک ۽ جنون آھي پر اھا گارنٽي نٿا ڏيون، ڪنهن ڪنهن کي روڪينداسين، اسان جي ايم اين اي جيڪي ڦري ويا آھن، انهن جا ضمير عدم اعتماد جي تحريڪ وقت ڪيئن ٿا جاڳن، انهن کي ستن ڏينهن جو وقت آھي، اھي اچي ويھي ڳالهيون ڪن ته ڪرڻ لا تيار آھيون پر جيڪي پيسا وٺي فيصلو ڪري چڪا آھن انھن کي خدا حافظ!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button