پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ بيرحم ما جو معصوم ڌي کي ڪهي قتل ڪرڻ جو اعتراف

ڪراچي: 22 ڏينهن جي ٻارڙيءَ کي قتل ڪندڙ ماءُ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، عدالت عورت کي جيل موڪلي ڇڏيو. ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ 22 ڏينهن جي ٻارڙي کي ڪهي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ماءُ هميمه عرف عميمه کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن عدالت جي سامهون پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. جوابدار عورت پنهنجي بيان ۾ چيو ته سندس شادي 29 مئي 2021ع تي سعد نالي شخص سان ٿي هئي، شادي کانپوءِ سندس مڙس سعد سان اڪثر جهيڙا ٿيندا هئا.

هن چيو ته مون کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ مون کي اچڻ ۽ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، 10 مارچ تي منهنجي ڌيءَ روئي رهي هئي ۽ مون کيس خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ٿي ٽيبل جي خاني مان ڇري ڪڍي سندس ڳچي کي ڪپي ڇڏيو، جنهن ڪري هن جو موت ٿيو. عورت پاران ڏوهه باسڻ کانپوءِ عدالت عورت کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ جاچ آفيسر کي ايندڙ شنوائي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سرڪاري وڪيل محمد علي خان چيو ته جوابدار عورت پنهنجي شادي کان به خوش نه هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button