پاڪستانسنڌ

ڪوئيٽا ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي تشدد خلاف لاڙڪاڻي ۾ سپاف جو احتجاج

پيپلز پارٽي (سپاف) ضلعي لاڙڪاڻي طرفان ڪوئيٽا ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان پوليس جي تشدد ۽ شيلنگ واري عمل خلاف گذريل ڏينهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سپاف جي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عبدالرحمٰن موريو، جبران جوکيو، ظهير احمد تنيو، شفقت چنو، بلاول جلباڻي ۽ ٻين چيو ته اسان ڪوئيٽا شهر ۾ پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان پوليس جي لاٺي چارج ۽ شلينگ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهڙو عمل پوليس گردي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، فوري طور تي شاگردن مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري شاگردن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button