پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ پ پ (ش ڀ) اڳواڻ جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

ٿرڙي محبت ۾ پ پ (شهيد ڀٽو) جي اڳواڻ فيصل بروهي جي آزادي لا احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ذلفي کوکر، علي شير جلباڻي، محبوب کوکر ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته پوليس شهري اتحاد جي صدر ممتاز بروهي جي گهر تي بنا جواز چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي پ پ (ش ڀ) اڳواڻ فيصل بروهي کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪيو آهي. هنن چيو ڪَڪَڙ ۾ پيٽرول پمپ تان چوري ٿيل واقعي ۾ اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران پوليس شريف شهري تي الزام هڻي گرفتار ڪيو آهي. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جانج ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button