پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو جي ميڊيا ٽرائل خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٻه الڳ الڳ ريليون ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ پ پ ش ڀ ضلعي ۽ سٽي لاڙڪاڻي طرفان زبير احمد جتوئي، محراب علي ڀٽو، صالح ٽاٽڙي، لياقت علي عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ المرتضيٰ هائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن پ پ ش ڀ لاڙڪاڻي پاران دامن عمراڻي، جاويد لاهوري، انعام الله ناريجو، برڪت ميراڻي، رمضان رند، ولي محمد لاهوري، شهباز ڀٽو، لالا سرهيو، احسان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر نواب الدين چانڊيو، شوڪت چانڊيو، عرفان گوپانگ، نظير چانڊيو، سڪندر شاهه، راڻو جميل شيخ، امجد ڦل، عادل چانڊيو، علي بابا سوهو، حاڪم چنا ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف موري ۾ نظير احمد سولنگي، صالح چانڊيو، خالد کوسو، صدام کوکر، خالد چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هوڏانهن نوابشاهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ ڊاڪٽر منظور جلباڻي، غازي نجيب چانڊيو، ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي، سلمان ڪيريو ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد مير مرتضى ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو جي نالي سان هڪ خبر اخبار ۾ شايع ڪري سندس ڪردار ڪشي ۽ ميڊيا ٽرائيل ڪئي وئي آهي، جنهن خبر ۾ ڪا صداقت ناهي، اها خبر شايع ڪرائڻ مافيا ملوث آهي. جيڪا صحافت کي بدنام ڪرڻ لا من پسند صحافين جي ذريعي ڪردار ڪشي ۾ ملوث آهن. هنن مطالبو ڪيو ته فاطمه ڀٽو جي ڪردارڪشي بند ڪري فوري طور تي معافي ورتي وڃي بي صورت ۾ ميڊيا هائوس جو گهيرا ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close