پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ 23 مارچ بابت تقريب، پاڪستان ڊفينس پيس موومينٽ جي ريلي

سامارو: سامارو ۾ يوم پاڪستان 23 مارچ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. شاھه لطيف چوڪ تي امجد ڪي ڪي مارڪيٽ ۾ ميري پهچان پاڪستان تنظيم جي اڳواڻ اسد اقبال جٽ ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، تقريب ۾ ايس ايڇ او سامارو اصغر سيلرو، اي ايس آ صديق مياڻو، روٽري ڪلب جي صدر رائو ڪامران، روٽري ڪلب جي مرڪزي اڳواڻ شڪيل قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر نريش مالهي ۽ ٻين استادن جي اڳواڻي ۾ پروگرام ٿيو، جنهن ۾ شاگردن 23 مارچ بابت تقريرون ڪيون. پاڪستان ڊفينس پيس موومينٽ سنڌ جي سرپرست اعلى ڪاشف باغي، ڊويزنل اڳواڻ منصور عرف گڊو قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن تي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پبلڪ گرائونڊ پهتي، جتي ڪاشف باغي، منصور عرف گڊو قائمخاني، شڪيل احمد قائمخاني، پي ايس پي اڳواڻ بلال جان قائمخاني، تحريڪ انصاف اڳواڻ عبدالمعيز قائمخاني ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button