پاڪستانسنڌ

محبوب سنڌي سنڌ جو کاهوڙي ڪردار آهي: ڪوٽڙي ۾ رهاڻ

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ بزم غالب ملڪاڻي پاران ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ محبوب سنڌي سان رهاڻ ٿي گذري. تقريب ۾ خيال کتري، شبير سيال، الطاف ملڪاڻي، عبدالنبي آزاد، حامد لاشاري، قاضي بدر ۽ مير تراب شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي عاجز ڏاهري چيو ته محبوب سنڌي سنڌ جي بقا لا لکندڙ ليکڪ آهي، جنهن جو نثر ۽ نظم اسان کي اتساھه ڏئي ٿو. الطاف ملڪاڻي چيو ته محبوب سنڌي سنڌ جو کاهوڙي ڪردار آهي، هن جون ادب ۽ ٻولي لا ڪيل خدمتون ساراھه جوڳيون آهن. خيال کتري چيو ته محبوب سنڌي جي لکڻين ۾ اسان کي سنڌ ملي ٿي. شبير سيال چيو ته محبوب سنڌي هڪ جدوجهد ۽ جذبي جو نالو آهي. محبوب سنڌي چيو ته ڌرتي ڌڻين جا ڏک کڻي لکندو آهيان، پنهنجي ذات کان وڌيڪ مون کي سنڌ پياري آهي. تقريب کي حاڪم ٻٻر، حامد لاشاري، قاضي بدر،رمضان لاهوتي، ستار ڀٽي ۽ اشفاق جانوري پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button