پاڪستانسنڌ

مٺي لاڪپ ۾ نوجوان قتل، ايس ايڇ او ۽ سمترا منجياڻي تي ڪيس داخل

مٺي: مٺي لاڪپ ۾ نوجوان قتل، ايس ايڇ او ۽ سمترا منجياڻي تي ڪيس داخل. تفصيل موجب مٺي جي 27 سالن جي نوجوان ڀاڳچند عرف ڀاڳيو ميگهواڙ کي مٺي پوليس شھري آچار ميگهواڙ جي چوري الزام ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن کي پوليس وحشياڻي تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي وڏي انگ ۾ وارث عورتن ۽ مردن ٿاڻي جي مک دروازي تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي چاچي جئرام ميگهواڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان ڀاڳچند کي پوليس پ پ پ ليڊيز ونگ ٿرپارڪر جي صدر سمترا منجياڻي، آچار ميگهواڙ، موهن ميگهواڙ ۽ ٻين جي چرچ تي گرفتار ڪري تشدد ڪري قتل ڪيو آھي، نوجوان کي 5 ڏينهن تائين انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائي اذيتون ڏنيون ويون ۽ اسان سان ملڻ به نه ڏنو ويو، جڏهن ته پوليس ڪالهه چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، قتل ۾ ايس ايڇ او مٺي محمد سومار منڱريو، پوليس اهلڪار ۽ سمترا منجياڻي ملوث آھن، انهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. هنن لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته پوليس احتجاج ختم ڪرائڻ لا ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آھي پر اسان قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج ختم نه ڪنداسين. ٻئي طرف مٺي ٿاڻي تي پ پ پ جي ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند ۽ پ پ پ يوٿ ونگ ڊويزن ميرپورخاص جي صدر سشيل ملاڻي سميت قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ اي جي پي سميت مختلف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن ٿاڻي تي پهچي متاثرن جي احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف ايس ايڇ او مٺي محمد سومار مڱريو رابطو ڪرڻ تي چيو ته نوجوان کي چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جيڪو دل جي دوري سبب فوت ٿيو آهي. ٻئي طرف نوجوان جي چاچي جئرام ميگهواڙ جي فرياد تي ايس ايڇ او مٺي محمد سومار مڱريو، ڊيوٽي آفيسر ۽ عملي تي تشدد ڪري قتل ڪرڻ ۽ پ پ پ ليڊيز ونگ جي ضلع صدر ۽ انساني حقن جي ڪميٽي جي ميمبر سمترا منجياڻي، آچار ميگهواڙ ۽ موهن ميگهواڙ تي پوليس هٿان تشدد ڪرائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف نوجوان جي وارثن لاش کڻڻ لا آيل ايمبولينس کي به ٿاڻي تان گذرڻ نه ڏنو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لا 10 ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button