اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

کاڄرو تيل ٻاهران گهرائڻ تي 10 سيڪڙو ٽيڪس رليف جي منظوري

اسلام آباد : ناڻي واري وزير شوڪت ترين اپريل ۽ مئي لاءِ کاڄرو تيل ٻاهران گهرائڻ تي 10 سيڪڙو ٽيڪس رليف جي منظوري ڏئي ڇڏي. جمعي تي شوڪت ترين جي صدارت ۾ کاڄرو تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ اضافي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ پيداوار وارو سيڪريٽري ايف بي آر جو چيئرمين ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پام آئل جي مهيني وار خوردا قيمتون نهايت غير مستحڪم آهن. اهي قيمتون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻ تي وڌي ويون آهن. ٻڌايو ويو ته جنوري ۾ قيمتن ۾ اٽڪل 1351 ڊالر في ٽن اضافو ٿيو آهي، حڪومت جو پام آئل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ رمضان ۾ امڪاني لاٿ کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم فيصلو ڪيو. ان حوالي سان ناڻي واري وزير اپريل ۽ مئي لاءِ کاڄرو تيل ٻاهران گهرائڻ تي 10 سيڪڙو ٽيڪس رليف جي منظوري ڏني. پڌرائي موجب کاڄرو تيل ٻاهران گهرائڻ تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ جو قدم مختصر مدي لاءِ ڪيو پيو وڃي. فيصلي جو مقصد واهپيدارن کي کاڄرو تيل مسلسل فراهم ڪرڻ آهي. گيهه ۽ کاڌي جي تيل جي ملڪ جي سالياني طلب جو 90 سيڪڙو امپورٽ تي ٻڌل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button