پاڪستانسنڌ

قومي عوامي تحريڪ جو مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو اجلاس قاسم آباد ۾ ٿيو، جنھن ۾ مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، الطاف خاصخيلي، شوڪت سريوال، فياض چانڊيو، ستار لھر، منور ڀٽو، يوسف ڪنڀر، گيانچند مھيشوري، دلدار رند، ماجد خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڊويزنل باڊي چونڊي وئي، جنھن ۾ صدر خالد سمون، سينيئر نائب صدر سانون گوپانگ، نائب صدر ياسر جاکرو، جنرل سيڪريٽري سومر چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري پنھل سولنگي، رابطا سيڪريٽري اياز لطيف رند، پريس سيڪريٽري آزاد ميرواھي، ليگل سيڪريٽري ارشاد چنه، فنانس سيڪريٽري الطاف ناگراج کي چونڊيو ويو.

اجلاس ۾ ضلعن جا اجلاس پڻ طلب ڪيا ويا، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، اشرف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي. تبديلي چاھيندڙ، روشن خيال، ترقي پسند، امن پسند، انصاف پسند ماڻھو قومي عوامي تحريڪ جي ٽڪيٽ تي ڪرپٽ ماڻھن سان مقابلي لا اليڪشن وڙھن. اڳواڻن چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، زراعت جي بدحالي جي ڪري غربت وڌي وئي آھي. حڪمران سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button