پاڪستانسنڌ

لنڊو پوليس ڀائٽي جا قاتل گرفتار نٿي ڪري:شهدادپور جو صحافي

شھدادپور: شھدادپور ۾ سينيئر صحافي غلام عباس لسڪاڻي پريس ڪلب پهچي دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀا غلام رسول لسڪاڻي جي معصوم پٽ غلام جعفر لسڪاڻي جي نالي زمين آهي، ڀا غلام رسول جي فوت ٿيڻ بعد منهنجي بيوھه ڀاڄائي پنهنجي ڀائرن کي گهرائي زمين تي قبضو ڪرايو، جنهن جي دانهن مون حد ٿاڻي لنڊو تي پهچي ايس ايڇ او علي دوست بروهي کي ڏني، پر صحافتي خبرن تان مڇريل ايس ايڇ او مون کي لاڪپ ڪري ڇڏيو، شھدادپور جي صحافين جي مداخلت بعد مون کي آزاد ڪيو ويو. اڄ ايس ايڇ او لنڊو علي دوست بروهي کي ڀائٽي جي قاتلن جي گرفتاري لا درخواست ڪئي ته هن انصاف ڏيارڻ بدران مونکي گارگند ڪندي ڌمڪيون ڏئي ٿاڻي تا ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو. هن ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته اسان انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button