اسلام آبادپاڪستان

ق ليگ دير ڪري ڇڏي،هاڻ پنجاب جي وڏي وزير جو فيصلو اپوزيشن ڪندي:آصف زرداري

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ پرويز الاهي دير ڪري ڇڏي آهي، هاڻ پنجاب جو وڏو وزير اهو ئي ٿيندو، جنهن جو فيصلو اپوزيشن ڪندي، نمبرن جي گيم رڳو اسان وٽ آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ اپوزيشن اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ق ليگ وارا اسان ڏانهن اچي ويا هئا پوءِ خبر ناهي ته اوچتو ڪهڙي سوچ اچي وئي. رات جو 12 وڳي مون کي مبارڪون ڏيڻ آيا ۽ صبح جو ٻئي هنڌ هليا ويا. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته پنجاب جي حوالي سان اسان گڏجي فيصلو ڪنداسين، پرويز الاهي دير ڪري ڇڏي آهي. هاڻ پنجاب جو وڏو وزير اهو ئي ٿيندو، جنهن جو فيصلو اپوزيشن ڪندي، نمبرن جي گيم رڳو اسان وٽ آهي. هن چيو ته پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير نٿو بڻجي سگهي، نمبر اسان وٽ آهن، ان وٽ ناهن، جنهن کي اپوزيشن نامزد ڪندي اهو ئي پنجاب جو وڏو وزير بڻجندو، پنجاب ۾ به تبديلي آڻينداسين. سندس چوڻ هو ته ق ليگ وارا رات جو 12هين وڳي مبارڪ ڏيڻ ايندا آهن، صبح وري ٻئي پاسي هليا ويندا آهن. آصف علي زرداري اها به دعويٰ ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سٺي خبر ملندي. ھن چيو تھ پنجاب ۾ مرضي جي تبديلي آڻينداسين، پرويز الاهي جي تنگ نظري آهي جو سوچي پيو ته پي ٽي آءِ کيس وڏو وزير ڪري سگهي ٿي. پي ٽي آءِ وٽ ايترا ووٽ ئي نه آهن، متحده بابت جلد سٺي خبر ملندي، ساڻن رابطن ۾ آهيون، ڪجهه ماڻهو پاور جو سوچين ٿا، اسان جي اڳيان پاور جي ڪابه حيثيت نه آهي، ملڪ جو سوچي رهيا آهيون. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سياسي ماڻهن سان رابطا ٿيندا رهندا آهن، جهڙين حالتن ۾ ملڪ هلي رهيو آهي، ان ۾ اڪيلو نٿا هلڻ چاهيون. اسين چاهيون ٿا ته گڏجي هلون. هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اسان جا نمبر پورا آهن، هي عمران خان جو آخري هفتو آهي. اسان بونس ۾ وڃي رهيا آهيون. جيڪڏهن هو بزدل آهي ته ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو پر ڀڄي نه سگهندو، اهي ڇا به ڪن ڪاميابي گڏيل اپوزيشن جي ٿيندي. اميد آهي ته سپريم ڪورٽ عدم اعتماد واري ڏينهن ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏيندي ۽ وفاقي وزيرن جي ڌمڪي وارن بيانن جو به نوٽيس وٺندي. وزير ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. بلاول چيو ته اسپيڪر ايم اين اي علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري. هن عمران خان کي چئلينج ڪيو ته هو عوام سامهون خط پيش ڪري، قوم ڄاڻي ٿي ته هو الزام ڪوڙا هڻندو آهي. هن چوڌري ڀائرن بابت چيو ته توهان پنهنجي زبان تي نٿا رهي سگهو ته پو ڪجهه به ناهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button