اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم عدم اعتماد ووٽنگ دوران ميمبرن کي اجلاس ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان پارٽي چيئرمين طور تحريڪ انصاف جي سڀني قومي اسيمبلي ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو. ڪالهه وزيراعظم عمران خان پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي خط لکيو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته بي اعتمادي تي ووٽنگ دوران ڪو پارٽي ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿئي. خط جي متن موجب اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. وزيراعظم طرفان سڀني ميمبرن کي انفرادي طور تي خط موڪليو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد تي ووٽنگ دوران پارٽي جو ڪو به ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري. واضح رهي ته اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻ 31 مارچ يا ان کانپوءِ ڪنهن به ڏينهن ان تي ووٽنگ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button