پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ 4 پورهيت ڀائرن جي گهرن کي باهه، سامان رک

ڊگهڙي: ڊگهڙي شهر ۾ ميرواهھ گورچاڻي روڊ تي فواد ٽائون ۾ چئن پورهيت ڀائرن هري، آچن، پريم ۽ روجي ولد راجو ڪولهي جي گهرن کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل کٽون، هنڌ بسترا، روڪ رقم، ڪڻڪ، سون ۽ چاندي جا زيور، ٻڪري ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي رک ٿي ويو، اطلاع تي فائربرگيڊ پهچي باهھ تي ضابطو آندو، باهھ وسامڻ تائين گهرن ۾ پيل الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو. متاثر پورهيت ڀائرن موجب اسان مزدوري تي ويل هئاسين ته اوچتو گهرن کي باھه وڪوڙي وئي ۽ معصوم ٻار ساھه بچائي خالي هٿين گهرن مان نڪري سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button