پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ روهڙي ڪئنال مان پيرسن جو لاش هٿ

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم تعلقي ٿاڻي جي حد باقر موري وٽ روهڙي ڪئنال ۾ لڙھي ايندڙ لاش کي گدڙ آھپن پوليس ڪڍرائي ورتو. ان سلسلي ۾ گدڙ آھپن پوليس پوسٽ انچارج غلام عباس مري جو چوڻ ھو ته 50 ورهين جي هڪ پيرسن همراهھ جو لاش سکر سائيڊ کان روهڙي ڪئنال ۾ لڙهندو آيو، جنهن کي اسان روڪي ڪڍرايو آھي ۽ ايڌي وارن کي اطلاع ڪيو آھي، لاش ڪجھه ڏينهن پراڻو ۽ سڄيل لڳي رهيو آھي، جنهن جي اڃا تائين ڪابه سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، لاش کي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button