اسلام آبادپاڪستان

سسٽم آئين تي عمل نٿو ڪرائي سگھي ته ايڪشن کڻڻو پوندو آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي لاءِ داخل صدارتي ريفرنس ۽ سپريم ڪورٽ بار جي درخواست تي شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سسٽم ايترو مضبوط ناهي جو آئين تي عمل ڪرائي سگھي ته سپريم ڪورٽ کي ايڪشن کڻڻو پوندو آهي. آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي صدارتي ريفرنس ۽ سپريم ڪورٽ بار جي درخواست تي شنوائي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي. ان دوران جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته پارٽي سربراهه ڦري ويل ميمبر کي نوٽيس ڏئي ته اهو پارٽي جو حصو ناهي رهندو.
مسلم ليگ ن جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ڇا هڪ ميمبر کي صفائي جو موقعو ڏيڻ بنا تاحيات نااهل ڪري سگھجي ٿو؟ آرٽيڪل 63 اي سان گڏ 62 ون ايف کي ملائي نٿو پڙهي سگھجي. مخدوم علي خان وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي اندر ئي ڦري ويل جي سزا موجود آهي. صدر هارس ٽريڊنگ تي فڪرمند آهي ته بي اعتمادي رٿ جو انتظار ڇو ڪيو؟ ريفرنس جي بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ سان گڏ ٽائمنگ ان کي تڪراري بڻائيندي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حقيقت اها آهي ته ماضي ۾ ڦري ويلن کي سياسي پارٽين ٻيهر شامل ڪيو، ڏسڻو پوندو ته ڦرڻ تي پارٽي سربراهه ڪهڙو ايڪشن کنيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ کي آئيني سببن کي ڏسڻو آهي، 63 اي جا قانوني نتيجا هوندا. جيڪڏهن سسٽم ايترو مضبوط ناهي جو آئين تي عمل ڪرائي سگھي ته سپريم ڪورٽ کي ايڪشن کڻڻو پوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button