
ميھڙ: ميهڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت غيرقانوني قبضي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڳوٺ مولوي بشير واڍو جي رهواسي 7 جوابدارن عزيز واڍو، حزب الله، جلال، نيڪ محمد، صابر، خالد ۽ شمن واڍو کي 7، 7 سال قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جوابدارن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ڪيس جي فريادي عبدالرزاق واڍو جوابدارن تي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جو الزام ھنيو هو.