اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. پڌرائي موجب اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي طريقيڪار تحت جاري ڪيا آهن. پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ علي وزير بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگھندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ جي گھرو کاتي علي وزير کي اسلام آباد منتقل ڪيو هو ۽ سنڌ هائوس اسلام آباد کي سب جيل قرار ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button