اسلام آبادپاڪستان

رڳو عمران جي انا سبب ملڪ کي خطري ۾ نٿا وجهي سگهون:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته رڳو عمران خان جي انا جي ڪري پاڪستان جي قسمت کي خطري ۾ نٿا وجهي سگهون. هن پاڻ کي بچائڻ لا قومي سلامتي ڪميٽي جو فورم استعمال ڪيو. هي جيڪو خط جو شوشو آهي، اهو عوام کي ٽرڪ جي بتي جي پويان لڳائڻ ۽ ڪوڙ جي بنياد تي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪيو پر ان ۾ هن ملڪ جي هڪ ليڊر جي حيثيت سان جيڪي فرض هوندا آهن، انهن مان هڪ به اهڙو نه هو جيڪو وزيراعظم ڪيو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ معاشي بحران آهي، جيڪو بدتر ٿيندو پيو وڃي. معاشري ۾ ڏڦيڙ شايد هڪ تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي، ڪو علائقو يا جاءِ اهڙي ناهي جتي ان جا اثر نه پيا هجن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۽ عوام جي مفاد لاءِ جيڪڏهن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڏسون ته پاڪستان جهڙي سطح تي دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي اهو سڀني سامهون آهي. هن چيو ته هن ڏکين حالتن ۾ اسان سڀني تي فرض آهي ته اسان انهن حالتن کي سنڀاليون ۽ پاڪستان کي هن بحران مان ڪڍون ۽ وڌيڪ بحران پيدا نه ڪريون. آئيني بحران پيدا نه ڪريون، ٽڪراءُ جا خطرا پيدا نه ڪريون، جيڪو قانوني، آئيني ۽ جمهوري طريقيڪار آهي اهو اختيار ڪيون. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي ذميوارين موجب هڪ به ڪم نه ڪيو آهي، ويندي ويندي پرڏيهي پاليسي، معيشت ۽ ادارن تي حملو ڪيو آهي. ويندي ويندي ادارن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، خط بابت ڪوڙ ڳالهائي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بلاول چيو ته اسان جنوري ۾ عوامي مارچ ۽ عدم اعتماد جو فيصلو ڪيو هو، ڇا اسان کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته عمران خان کي روس وڃڻو آهي؟ ڇا اسان کي اڳ ۾ خبر هئي ته انهن خلاف عالمي سازش ڪئي پئي وڃي؟ پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بي اعتمادي رٿ پرامن نموني ٿئي، وزيراعظم عام سفارتي عمل کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ شاهد آهي ته اسان ڪيترن ئي سالن کان سياسي جدوجهد ۾ شامل رهيا آهيون.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پهريان عمران خان چوندو هو ته اپوزيشن بي اعتمادي پيش ڪري اسان کي وڏو تحفو ڏنو، پوءِ چوڻ لڳو ته عدم اعتماد عالمي سازش آهي. هن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته اهو اسان جو تحفو آهي يا عالمي سازش؟ پ پ چيئرمين چيو ته آئيني جمهوري پارلياماني نظام کي تڪراري نه بڻايو وڃي، وزيراعظم سيف يا بيڪ ڊور ايگزٽ ڳولڻ بدران ان عمل جو مقابلو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button