پاڪستانسنڌ

“نور محمد ٽالپر پورهيت نظرئي جو عاشق هو”ميرواهه ۾ ميڙاڪو

ميرواہه گورچاڻي: ميرواہه گورچاڻي لڳ 10 ميل اسٽاپ تي سنڌي مزدور تحريڪ جي صدر مرحوم نور محمد ٽالپر کي ڀيٽا ڏيڻ لا تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ عوامي تحريڪ، سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت ھارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته نور محمد ٽالپر پورھيت نظرئي جو سچو سپاھي ۽ عاشق ھو، مٿئين طبقي سان واسطو ھوندي به ھن سڄي زندگي غريب ۽ پورھيت عوام جي ڇوٽڪاري لا سياست ڪئي ۽ رسول بخش پليجو صاحب جي نظرئي ۽ واٽ تي ھلندو رھيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار خطاب ڪندي چيو ته نور محمد ٽالپر جي جدوجھد تي کيس سرخ سلام پيش ڪرڻ لا گڏ ٿيا آھيون. نور محمد ٽالپر سنڌ جي مزدورن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لا پاڻ سنڌي مزدور تحريڪ جو صدر ٿيو ۽ ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ تائين دورا ڪري ڪارخانن ۾ وڃي مزدورن سان رھاڻيون شروع ڪيون. ميڙاڪي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مصطفى لغاري، سنڌي ھاري تحريڪ جي ضلعي صدر نور محمد خاصخيلي، عوامي تحريڪ ضلعي صدر وڪيل غفار ناريجو، وڪيل رامچند، ارجنا، ڪامريڊ شگن ڪولھي، سليم خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button