
ورڪشاپ:ورڪشاپ ويجهو پورھيت جي گهر کي باهھ لڳي وئي. چڪ نمبر 18 ۾ چُلھه مان اوچتو چڻنگ اٿڻ سبب پورھيت عرض محمد پٺاڻ جي ڪکائي گهر کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب گهر ۾ ٻڌل ھڪ ڳئون، ٻه ٻڪريون، 20 مڻ اناج، ھنڌ کٽون، بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. گهر سڙڻ بعد پورهيت ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي، جنهن ڊي سي کان گهر ڪئي ته مالي مدد ڪئي وڃي.