پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لا صحافين جو احتجاجي مظاهرو

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لا ڀٽ شاهه ۾ جرنلسٽ ميڊيا ڪائونسل پاڪستان پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين جي وفد چيئرمين وحيد الله خان جي اڳواڻي ۾ تعلقا جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ سيد گدا حسين شاهه لطيفي سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڀٽ شاهه جي سڃاڻپ پوري دنيا ۾ آهي، ان جي شهر کي نظرانداز ڪرڻ ۽ تعلقي جو درجو نه ڏيڻ زيادتي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

هنن چيو ته ڀٽ شاهه آبادي جي لحاظ کان ضلعي اندر وڏي آبادي وارو شهر آهي، پر ان کي سياسي مخالفت جي بنياد تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀٽ شاهه کي بنادير تعلقي جو درجو ڏئي شهرين ۽ عقيدتمندن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ان موقعي تي صحافي عبدالجبار راجپوت، اقبال قريشي، سريش ڪمار ۽ ٻيا به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button