پاڪستانسنڌ

رمضان المبارڪ سبب ڪراچي ۾ شهيد ڀٽو جي ورسي جون سادگي سان تقريبون

ڪراچي: پ پ جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 43 هون شهادت ڏهاڙو ڀلاري مهيني رمصان جي احترام ۾ سادگي سان ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ قرآن خواني دعا ۽ افطاري جون تقريبون منعقد ڪيو ويون. پيپلزپارٽي سينٽرل ضلعي تحت فردوست ڪالوني سائوٿ ضلعي جي اهتمام هيٺ ڪڪري گرائونڊ لياري، ملير، ضلعي ۾ رائل شادي هال ملير ڪورنگي ضلعي ۾ ليڊيز جم زمان ٽائون ڪورنگي ۽ ويسٽ ضلعي ۾ علي احمد جي آفيس ۾ قران خواني دعا ۽ افطاري جو اهتمام ڪيو ويو.

پيپلزپارٽي اوڀر ضلعي تحت شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 43 هين ورسي جي موقعي تي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ قرآن خواني ۽ دعا جو اهتمام ڪيو ويو. پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، ذوالفقار قائمخاني، لالا عبدالرحمان ۽ وقاص شوڪت سميت ليڊيز ونگ، يوٿ ونگ منارٽي ونگ سميت سٽي ايريا جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وقار مهدي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سندس سياسي ۽ قومي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته شهيد ڀٽو هن ملڪ کي 73 جو آئين ڏنو صوبن ۽ وفاق کي مضبوط ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button