پاڪستانسنڌ

ڪرڪيٽ کيڏو، ملڪ سان نه کيڏو: حفيظ جي ٽوئٽ تي سعيد غني جو جواب

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد حفيظ تي وزيراعظم عمران خان جي حمايت ۾ ٽوئٽ ڪرڻ تي ڀرپور جواب ڏيندي چيو ته ڪرڪيٽ کيڏو ملڪ سان نه کيڏو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر پاران اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ کي رد ڪرڻ کانپوءِ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ۽ وقار يونس پاران سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ ڪيا ويا هئا.

ان معاملي تي محمد حفيظ به خوشي جو اظهار ڪيو هو ۽ سوشل ميڊيا تي وزيراعطم جي ساراهه ڪندي لکيو ته عمران خان هميشه کان هڪ حقيقي ليجنڊ آهي، محمد حفيظ جي ان ٽوئٽ تي سعيد غني به سوشل ميڊيا تي ڪرڪيٽر کي جواب ڏيندي چيو ته ڪرڪيٽ کيڏو ملڪ سان نه کيڏو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button