پاڪستانسنڌ

سليڪٽيڊ حڪمرانن جي آمراڻي ذهنيت ملڪ کي بحران ۾ ڌڪيو: ڄام خان شورو

حيدرآباد: آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته اڄ جي ملڪي حالتن ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي فڪر ۽ شعور تي عمل پيرا هئڻ جي اشد ضرورت آهي. سليڪٽيڊ حڪمرانن جي آمراڻي ذهنيت ۽ آئين شڪني ملڪ کي هن وقت سياسي ۽ آئيني بحران ۾ ڌڪيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي جمهوري ۽ سياسي شعور سان بيدار ڪيو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 43 هين ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ۽ ايثال ثواب جي لاءِ دعائيه تقريب بعد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کي 43 سال گذري چڪا آهن پر اڄ به قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين ۾ زندهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي 1973 جو متفقه جمهوري آئين ڏنو ۽ ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪيو. ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي ميمبر جبار خان، اڳوڻو صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي، سيد فياض شاهه ۽ ضلعي پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button