پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

حيدرآباد ۾ واپارين ۽ دڪاندارن جي هڪ هٽي، من پسند اگهه مقرر، ڏنڊ

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ واپارين ۽ دڪاندارن فروٽ، سبزين سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي. انتظاميه رڳو ننڍن دڪاندارن ۽ ريڙهن وارن تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو. دڪاندارن تي 94 هزار روپيا ڏنڊ هنيو ويو. خبر موجب حيدرآباد ۾ دڪاندارن شين جي اگهه لا سرڪاري لسٽ تي عمل نه ڪيو، فروٽ، سبزين، دالين، گوشت سميت عام کاڌي پيتي جي شين جا منپسند ۽ هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا. جنهن ۾ صوف 350 کان 400 روپيا ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن. چيڪو 200 روپيا ڪلو، ڪيلو 180 روپيا درجن سميت ڇانهين ۽ ٻيو فروٽ پڻ مهانگو ڪيو ويو آهي، ٻاڪرو گوشت جو سرڪاري اگهه 12 سئو روپيا ۽ وڏو گوشت 6 سئو مقرر ڪيو آهي.

جنهن ۾ ٻاڪرو گوشت 15 سئو روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي، مرغي جو گوشت ساڍا 4 سئو روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. ان ڏس ۾ ڊي سي حيدرآباد، اي سيز ۽ مختياڪارن، سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد ۾ دورا ڪيا. سروي موجب ڊي سي ۽ انتظاميه دورن کي ننڍن دڪاندارن ۽ ريڙهن وارن تائين محدود ڪري ڏنڊ هڻڻ شروع ڪيا آهن. جڏهن ته وڏين مارڪيٽن، دڪاندارن، هول سيل جي مارڪيٽ، فروٽ، سبزين ۽ گوشت جي مارڪيٽ تي چڙهائي نه ڪئي آهي. جتي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي پهچايا ويا آهن. هوڏانهن انتظاميه ٻڌايو ته حيدرآباد جي 119 هنڌن تي ڇاپا هڻي 94 هزار روپيا ڏنڊ هنيو ويو آهي. قاسم آباد ۾ 35 هزار روپيا جرماڻو، سٽي ۾ 17 هزار روپيا ڏنڊ هنيو ويو. ان ڏس ۾ حيدرآباد ريجن جي مختلف ضلعن ۾ ڇاپا هڻي 1 لک 54 هزار روپيا ڏنڊ هنيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button