پاڪستانسنڌ

شهيد ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، جيڪو عدليه به تسليم ڪيو: شازيه مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيريئنز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 43 هين ورسي تي پنهنجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته 43 سال اڳ اڄوڪي ڏهاڙي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو هو ۽ عدليه ڪيترن ئي سالن کانپوءِ آخرڪار اهو تسليم ڪيو ته ڀٽو جي شهادت عدالتي قتل هو. اڄ اعليٰ عدليه وٽ جمهوريت جي حق ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو موقعو آهي.

هن جو چوڻ هو ته سليڪٽيڊ شڪست ڏسي پارليامينٽ تي وار ڪري ڇڏيو ۽ اليڪشن سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن پر آئين ٽوڙي نه ٿي ڪري سگهجي. آئين جي خلاف ورزي کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. شازيه عطا مري جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان نيازي ماڻهن جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، تبديلي جي نالي تي تباهي مچائي ڇڏي آهي. مهانگائي ۽ غربت ۾ اضافو ڪندڙ وزيراعظم عدم اعتماد کان ڀڄي ويو ۽ صدر پاران آئين سان انحراف غداري جي زمري اچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button