عالمي

ڀارت جي بزرگ عورت ملڪيت راهول گانڌي جي نالي ڪري ڇڏي

ڀارتي رياست اترکنڊ جي شهر ڌرادون جي رهائشي هڪ وڏي عمر واري بزرگ عورت پنهنجي سموري ملڪيت ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي جي نالي لکي وصيت ۽ سمورا ڪاغذ رياست جي اڳوڻي صدر پريتم سنگهه جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق بزرگ عورت پشپا منجيال مقامي عدالت ۾ ملڪيت جي منتقلي وارا ڪاغذ پڻ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪانگريس ميٽروپوليٽن جي صدر لالچند شرما جو چوڻ آهي تھ، بزرگ عورت پشپا منجيال چئي ٿي تھ، اها راهول گانڌي جي خيالن کان متاثر آهي. لالچند ٻڌايو تھ پشپا چوي ٿي تھ، اندرا گانڌي ۽ راجيو هن ملڪ جي يڪجهتي خاطر زندگيون قربان ڪيون، سونيا گانڌي ۽ راهول بھ ملڪ خاطر زندگي وقف ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button