اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪابينا عالمي سازش کي سامهون رکي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ طارق خان جي سربراهي ۾ جاچ ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) طارق ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي. وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته مبينا خط جي مواد کي قومي اسيمبلي ميمبرن جي سامهون به رکيو ويندو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پوري پارليامينٽ جي بالادستي خطري ۾ پئجي وئي آهي. بي اعتمادي رٿ عالمي سازش تحت آندي وئي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا هڪ دفعو ٻيهر عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ عزم ورجايو ته پوري قوم وانگر اسان به وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيٺا آهيون. فواد چوڌري چيو ته گذريل ڏينهن پنهنجي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جيڪو حڪم جاري ڪيو، اسيمبلي جو اجلاس به پاڻ طلب ڪري ورتو. اجلاس جي وقت جو تعين به پاڻ ڪيو، ان سان پارليامينٽ جي بالادستي خطري ۾ پئجي وئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ وٽ اسپيڪر جي رولنگ جو مواد نه هو ته پوءِ ڪيئن عدالت ان تي هي فيصلو ڏئي سگهي ٿي ته اسپيڪر پنهنجو ذهن استعمال ڪيو آهي يا نه. هن چيو ته جيڪڏهن عدالت رولنگ بابت فيصلو ڪرڻ گهري پئي ته ان کي سمورو مواد ڏسڻ ۽ ان جو جائزو وٺڻ گهرجي ها جيڪو اسپيڪر وٽ موجود هو يا جنهن جي بنيد تي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ ۽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي فيصلي تائين پهتو هو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن واري فيصلي بابت اسان جي قانوني ٽيم صلاح مشورا ڪري رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته گذريل ڏينهن جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ادارن جو پنهنجي دائره اختيار ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو اصول متاثر ٿيو آهي. پاڪستان ۾ سيپريشن آف پاور جي اصول جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، پارليامينٽ جي حاڪميت ۽ بالادستي هاڻي برقرار ناهي رهي. حاڪميت ۽ بالادستي هاڻي پارليامينٽ مان سپريم ڪورٽ طرف منتقل ٿي وئي آهي ان جو مطلب آهي ته هاڻي پاڪستان جو عوام ملڪ جو حاڪم ناهي رهيو پر چند جج هن ملڪ جا فيصلا ڪندا. هن چيو ته هنن سمورين شين کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ اسان ان تي نظرثاني لاءِ عدالت وينداسين. فواد چوڌري چيو ته جوڙيل ڪميشن کي چيو ويو آهي ته هو سموري معاملي جي پٺيان ڳجهن ڪردارن کي، ان جي معاملن جي جاچ ڪري ۽ حقيقتون قوم کي ٻڌايون وڃن. هن چيو ته ڪميشن جي مقرر ڪيل ٽي او آرز مطابق ڏسڻو آهي ته هي جيڪو ڪميونيڪيشن يا تڪ آهي هي اصل ۾ موجود آهي يا نه، ڪميشن ڏسندو ته جيڪڏهن هي خط موجود آهي ته ان ۾ حڪومت جي تبديلي جي يا رجيم چينج جي ڌمڪي موجود آهي يا نه. هن چيو ته جوڙيل ڪميشن اهو به ڏسندو ته جيڪڏهن هي حڪومت جي خلاف سازش هئي ته ان جا مقامي ڪردار ۽ لوڪل هينڊلر ڪير هئا. ظاهر آهي ته اپوزيشن جا سمورا اسيمبلي ميمبر هن سازش ۾ شريڪ نه آهن، ڪجهه مخصوص ماڻهو آهن جيڪي سازش ۾ شريڪ آهن. هن چيو ته هڪ ڪمزور حڪومت ملڪ ۾ نه معاشي فيصلا ڪري سگهندي نه سياسي فيصلا ڪري سگهندي ۽ نه خرجي فيصلا ڪري سگهندي فواد چوڌري چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اليڪشن ڪميشن جو بيان غير ذميواراڻو هو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي بيان تي نظرثاني ڪري ۽ هر حال ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن. ٻئي طرف وفاقي حڪومت پرڏيهي سازش جي جاچ لاءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) طارق جي سربراهي ۾ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر ليفٽيننٽ جنرل (ر) طارق ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل(ر) طارق جاچ ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي آهي ۽ هن فيصلو کان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close