اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

رمضان ۾ مهانگائي ۾ واڌ، شرح 17 ڏهائي 87 سيڪڙو تي پهچي وئي

اسلام آباد: ملڪ ۾ هلندڙ هفتي رمضان ۽ سياسي صورتحال سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿي ويو. ڳڻپ واري اداري هفتيوار مهانگائي بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن مطابق هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1 ڏهائي 53 سيڪڙو واڌ ٿي. ملڪ ۾ مهانگائي جي ڪل هفتيوار شرح 17 ڏهائي 87 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. هن هفتي 22 شيون مهانگيون ٿيون، ٽماٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 53 رپيا 20 پئسا جي واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ ٽماٽر جي سراسري قيمت 153 رپيا ٿي وئي. بصر 13 رپيا 37 پئسا في ڪلو، ٿوم 8 رپيا 86 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. هن هفتي گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 6 رپيا 31 پئسا واڌ کان پوءِ 474 رپيا 23 پئسا ٿي وئي. هن هفتي مٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 33 رپيا 48 پئسا، بيف جي في ڪلو قيمت ۾ 16 رپيا 49 پئسا اضافو ٿيو. جڏهن ته ڪيلا 14 رپيا 62 پئسا في ڊزن مهانگا ٿيا. ان کان سواءِ چانهه جي پتي، دال چڻا، دال مسور، تازو کير، ۽ پائوڊر کير جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو. هن هفتي 8 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي زنده ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 8 رپيا 4 پئسا، کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 8 پئسا ۽ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 8 رپيا 8 پئسا گهٽتائي ٿي. پٽاٽا، ڳاڙها مرچ، ڳڙهه دال ماش ۽ مڱن جي دال جي قيمت ۾ به معمولي گهٽائي ٿي، 21 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button